سنديلا سنڌيلا

سنديلا/ سنڌيلا (ذات): سنديلا، سنڌ ۽ ملتان ۾ رهندڙ جٽ درجي جو هڪ قبيلو آهن. انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين ٽرائبس اينڊ ڪاسٽس جي صفحي نمبر 5948 موجب، هن ذات جي اڪثريت جو تعلق ملتان سان آهي، سندن دعويٰ آهي ته اهي شاهجهان جي دور ۾ دهليءَ مان هجرت ڪري، هتي (ملتان) ۾ اچي آباد ٿيا. اي. ڊي. ميڪگلين ۽ ايڇ. اي. روز جي تحقيقي رپورٽ جي ترجمي ’ذاتون ڪي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ مترجم ياسر جواد لکيو آهي ته، سنديلا ذات جو هڪ زرعي پيشه ور، مسلمان جٽ قبيلو ۽ هڪ بلوچ قبيلو منٽگمريءَ ۾ به رهائش پذير آهي.
خير محمد ٻرڙي پنهنجي ڪتاب ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ سنديلا ذات بابت ڄاڻايو آهي ته، ”سنديلا، ابڙا سمن جو هڪ پاڙو آهن. سنڌو درياهه جي رهائشي نسبت سان سنديلا/ سنڌيلا سڏجن ٿا. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ رهن ٿا. ملتان ڀرسان ويٺل جٽن ۽ بلوچن ۾ پڻ ’سنديلا‘ آهن، جيڪي شاهجهان جي دور ۾ دهليءَ کان آيل آهن.
سنديلا ذات (قبيلي) مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ وڏو مفڪر، ليکڪ، عالم، محقق، اديب، سگهڙ ۽ تعليمدان ٿي گذريو آهي ۽ سندس پٽ اسلم سنديلو به پيءُ جي مشعل ٻاريو، لوڪ ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو